ملڪ ۾ عمران خان کان وڏو ڪو وائرس نه آهي: مريم نواز

ملتان: نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ٻه سليڪٽرز حڪومت جِي ناڪارا بڻيل بس کي ڌِڪو ڏئي رهيا آهن، ملڪ ۾ عمران خان کان وڏو ڪو وائرس نه آهي، ڪووِڊ نائنٽين کان اڳ ڪووِڊ اَيٽِين کي گهر ڀيڙو ڪرڻو پوندو، عوام عمران خان جو لاڪ ڊائون ڪرڻ وارو آهي. مريم نواز ملتان جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان جو الميو آهي جو اسان کي دشمن به ڪَم ظرف مليو آهي، نوازشريف لنڊن ۾ ڪائونٽي نه کيڏي رهيو هو جو پنهنجِي مرندڙ ماءُ ڏانهن نه وڃي ها، مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم فيصلو ڪرڻ وارِي آهي، عوام سان واعدو آهي ته مسئلن ۽ ڏکيائين مان نڪرڻ لاءِ جيل به وڃڻو پيو ته هليا وينداسين، ڇا ڪير پرويز مشرف کي هڪ ڏينهن به جيل ۾ قيد رکَي سگهيو؟ ڇا ڪنهن ۾ همت آهي جو مشرف کي ڏيهه واپس آڻي سگهَي؟ مريم نواز چيو ته والاريل ڪشمير کي نريندر مودِي جِي جهولي ۾ وجهندڙ هاڻي اسرائيل جِي مهم هلائي رهيا آهن، عوام پُڇي رهيو آهي ته اسرائيل جِي حمايت ۾ مهم ڪير هلائي رهيو آهي ۽ ڇا سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽرز اِن مهم جَي حوالي سان به هڪ پيج تي آهن؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔