براؤزنگ پاڪستان

پاڪستان

ايراني صدر جو دورو پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف هو: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايراني صدر مسعود پزيشڪيان جو دورو ڀائرن وارا لاڳاپا آهن ۽ اهو پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف هو. ڪراچي ۾ پاڪ بحريه جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد پيش…

خطي جي امن لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: پاڪستان

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا ايران معاهدي ۾ عالمي برادري پاڪستان جي تعميري ڪردار کي تسليم ڪيو آهي، خطي جي امن لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار نيوز بريفنگ…

مولانا سان جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي قبر ۾ گڏ وينديون(وزيراعظم)، اجازت ڏيان ٿو راز جون ڳالهيون ايوان کي…

اسلام آباد:   قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان جيڪي اڳ مخالف رهيا آهن هن وقت ٻنهي جا رستا ڌار…

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 25 ارب روپين جون مالي بي ضابطگيون، سرڪاري ملازمن ۾ 51 ڪروڙ ورهايا ويا

اسلام آباد:  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مالي سال 2024-25ع لاءِ آڊٽ سال 2025-26ع جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ناقص پروفائلنگ، نظام ۽ ضابطي جي ڪمزورين سبب سرڪاري ملازمن، گاڏين جي مالڪن ۽ ٻٽي شهريت رکندڙن سميت 6 لک کان وڌيڪ نااهل ماڻهن کي…

سيڪيورٽي فورسز جي پنجگور ۾ وقت تي ڪارروائي، دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام

ڪوئٽه:  بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام بنائي ڇڏي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز پنجگور جي علائقي جيرڪ ۾ ڳجهي اطلاعن تي آپريشن ڪندي وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ مواصلاتي مواد هٿ ڪري…

گلگت بلتستان جي 30 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

گلگت: گلگت بلتستان اسيمبلي جي 33 مان 30 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو. اسپيڪر گلگت بلتستان اسيمبلي نذير احمد ايڊووڪيٽ نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو. پيپلز پارٽي جي 13 ۽ (ن) ليگ جي 9 ميمبرن حلف کنيو جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي 6 ۽…

جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس پاڪستان جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. حلف برداري جر پروقار تقريب سپريم ڪورٽ رجسٽري ڪراچي ۾ منعقد ٿي جتي جسٽس محمد شفيع صديقي انهي کان حلف ورتو. انهي حوالي سان جاري ڪيل…

9 مئي جي هڪ ٻئي ڪيس جو فيصلو: پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جي سزا، شاهه محمود ٻيهر بري

راولپنڊي:  9 مئي جي هڪ ٻئي ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن کي سزائون ٻڌايون ويون. ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمه، ميان محمودالرشيد، اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، اي ٽي سي جج منظر علي گل ڪوٽ…

ڊرگ ڊيلر پنڪي سان گڏ ڪم ڪندڙ جوابدار 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ نعيم اختر جي عدالت ۾ منشيات جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس ٻن گرفتار جوابدارن کي پيش ڪيو. پوليس عدالت ۾ سيل…

پيٽرول 74 ۽ ڊيزل 67 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪو واعدو قوم…