راولپنڊي: پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل “آپريشن شعبان” جاري آهي.سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جون فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن، خارجين کي هوائي ۽ زميني ڪارروائين ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ خارجي دهشتگردن کي سخت نقصان جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين دوران وڌيڪ 3 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ (جهنم واصل ٿيڻ) جا پڪا اطلاع آهن، جڏهن ته فورسز پاران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو ويو آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 88 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 5 جولاءِ کان وٺي هينئر تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس تي ٻڌل (انٽيليجنس بيسڊ) آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 126 خارجي دهشتگرد مارجي چڪا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رهندو.
تبصرے بند ہیں۔