تهران /واشنگٽن : آمريڪا ايران تي وڌيڪ حملا شروع ڪري ڏنا. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي فوج ايران خلاف وڌيڪ فضائي حملن جي شروعات ڪري ڏني آهي. سينٽڪام سوشل ميڊيا پليٽ فارم اڪس (ٽويٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اڄ آمريڪي فوجن ايران تي حملن جو هڪ اضافي مرحلو شروع ڪيو. بيان موجب انهن حملن جو مقصد آبنائي هرمز ۾ تجارتي بحري جهازن تي حملن لاءِ استعمال ٿيندڙ ايران جي عسڪري صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.سينٽڪام وڌيڪ چيو ته هي حملا اهڙي وقت ڪيا پيا وڃن جڏهن آمريڪي فوجون ايراني بندرگاهن ۽ ساحلي علائقن خلاف بحري ناڪابندي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيون آهن. بيان موجب هي بحري ناڪابندي آمريڪي وقت موجب شام 4 وڳي کان لاڳو ڪئي ويندي.هوڏانهن ايراني پاسداران انقلاب فورس اعلان ڪيو آهي ته بحرين ۽ ڪويت ۾ دشمن جي هٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو آهي. ايراني پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته جيستائين جارح آمريڪا موجود رهندو، تيل ۽ گيس خطي مان ٻاهر نه ويندو، آمريڪا جي جارحاڻن قدمن جو هرمز کلڻ ۾ دير کان سواءِ ٻيو ڪو نتيجو ناهي. ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته ڪويت جي علي سالم ايئر بيس ۾ ڊرون لانچنگ پيڊ کي نشانو بڻايو ويو، ڪويت ۾ حملا ايران تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا
ڪويت ۾ سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر، ريڊارز ۽ ميزائيل لانچ پليٽ فارمز کي نشانو بڻايو: پاسداران انقلاب
ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آمريڪي حملن جي جواب ۾ “آپريشن نصر 2” تحت ڪويت ۾ آمريڪي فوجي هدفن کي ميزائيل ۽ ڊرون حملن سان نشانو بڻايو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن دوران سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر، ميزائيل ۽ فضائي دفاعي ريڊار سسٽمز، پيٽرياٽ ائير ڊيفينس ڪمپليڪس ۽ مارس ميزائيل لانچ پليٽ فارمز کي نشانو بڻايو ويو. پاسداران پنهنجي بيان ۾ چيو ته انهن تنصيبات کي تباهه ۽ مڪمل طور تي ناڪاره بڻايو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔