براؤزنگ پاڪستان
پاڪستان
آمريڪا ايران معاهدو: وزيراعظم پاڪستان اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ٽياڪڙ طور صحيحون ڪري ڇڏيون
اسلام آباد: وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف اسلام آباد مفاهمتي ياداشت اسلام آباد ميمورنڊم آف انڊر اسٽيڊنگ تي ٽياڪڙ طور صحيحون ڪري ڇڏيون.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران…
اهو ممڪن نٿو ٿي سگهي ته عوام قرباني ڏئي ۽ اشرافيه مراعتون حاصل ڪندي رهي: وزيراعظم
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اهو ممڪن نٿو ٿي سگهي ته عوام قرباني ڏئي ۽ اشرافيه مراعتون حاصل ڪندي رهي.
مسلم ليگ(ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽ ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهباز شريف عورت ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽…
بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي ۽ ڪاروباري شعبي کي وڏو رليف ڏنو ويو: عطاءُالله تارڙ
اسلام آباد: وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، برآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري شغبي کي وڏو رليف ڏنو ويو آهي.
ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ جي حوالي سان آن لائن بريفنگ ڏيندي هن چيو ته هي بجيٽ اڳوڻن بجيٽن…
رحيم يار خان ۾ برسات ۽ طوفان سبب تباهي، 7 ڄڻا زخمي
رحيم يار خان : رحيم يار خان شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ برسات ۽ طوفان تباهي مچائي ڇڏي. تيز طوفان سبب ڪيتريون ئي ديوارون، وڻ، ٿنڀا ۽ بل بورڊ ڪري پيا، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ عورت سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٿنڀا ڪرڻ سبب بجلي جو نظام پڻ درهم برهم…
حڪومت بجيٽ ۾ ٽيڪس رعايتن بابت تفصيل عوام آڏو آڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
اسلام آباد: حڪومت طرفان بجيٽ 2026-27 جي حوالي سان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي مطمئن ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، انهي سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جو عمل جاري آهي.
ذريعن موجب حڪومت فنانس بل 2026-27 ۾ شامل مختلف ٽيڪس رعايتن جا مڪمل…
افغانستان ۾ موجود دهشتگرد پاڪستان ۽ خطي جي امن لاءِ خطرو آهن: عاصم افتخار
نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مسفير سفير عاصم افتخار چيو آهي ته افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپ پاڪستان ۽ خطي جي امن لاءِ خطرو بڻيل آهن.
عاصم افتخار احمد چيو ته افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپ پاڪستان جي خلاف سرحد پار حملن ۾…
مردان: پاڪ فضائيه جو تربيتي طيارو ڪري تباهه، 2 پائلٽ شهيد
مردان: پاڪ فضائيه جو تربيتي طيارو تربيتي پرواز دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو.پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، پاڪ فضائيه جو تربيتي طيارو اڄ معمولي تربيتي پرواز دوران مردان ويجهو حادثي جو شڪار ٿي ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ…
محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو
لاهور: محرم الحرام 1448هه جي چنڊ جي رويت لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ لاهور ۾ منعقد ٿيندو.
اجلاس جي صدارت چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ۽ خطيب بادشاهي مسجد مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ڪندو جڏهن ته اجلاس عالمگيري بادشاهي…
وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاق جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاق جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته 3 ڏينهن اڳ 22 جوان شهيد ٿيا، آفيسر ۽ جوان پنهنجن ٻارن کي يتيم ڪري ويندا آهن، ڪروڙين…
ڪابينا ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد : وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن دوران ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ…