براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي دستي بم حملو، هڪ اهلڪار مارجي ويو

سرينگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج مٿان دستي بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ نامعلوم ماڻهن سرينگر ڄمو هاءِ وي تي بيٺل ڀارتي اهلڪارن تي گرنيڊ اڇليو ۽ فرار ٿي ويا

مسجدن تي حملا ڪري لائيو ڏيکارڻ جي منصوبابندي ڪندڙ شاگرد گرفتار

ماجلاهه: سنگاپور ۾ مسجدن تي حملو ڪري ان کي لائيو ڏيکارڻ جي منصوبابندي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي مڊيا موجب سنگاپور جي سخت قانون انٽرنيشنل سيڪيورٽي ايڪٽ جي تحت هڪ 16 سالن جي شاگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن تي مسلمانن تي حملو

امريڪا ۾ حڪومت مخالف انتهاپسندن طرفان دهشتگردي جو خدشو،الرٽ جاري

واشنگٽن : امريڪا ۾حڪومت مخالف انتهاپسندن طرفان دهشتگردي جو خدشي سبب امريڪي کاتي هوم لينڊ سيڪيورٽي طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، هوم لينڊ سيڪيورٽي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت مخالف انتها پسند امريڪا جي ڪنهن به شهر ۾ دهشتگرد

جوبائيڊن ۽ پيوٽن وچ ۾ پهرين ئي رابطي دوران اختلاف سامهون اچي ويا

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ روسي صدر پيوٽن جي وچ ۾ پهرين ئي ٽيليفون رابطي ۾ مختلف معاملن تي اختلاف سامهون اچي ويا آهن.وائٽ هائوس موجب ٽيليفون رابطي دوران آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي روسي هم منصب سان آمريڪي چونڊن جي دوران روسي سائبر حملا،

هالينڊ ۾ ڪورونا پابندين خلاف احتجاج شدت اختيار ڪري ورتو، ڀڃ ڊاهه، گرفتاريون

ايمسٽرڊم :هالينڊ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڳو پابندين خلاف احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه جو سلسلو چوٿين رات به جاري رهيو. گهڻي ڀاڱي نوجوانن طرفان اهو احتجاج ڪورونا وبا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ سختي ۽ رات جو ڪرفيو لاڳو ڪرڻ خلاف ٿي رهيو آهي. گذريل رات ان

اسرائيلي آرمي چيف ايران تي حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

تل ابيب: اسرائيلي آرمي چيف ايندڙ سال ايران تي امڪاني حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي آرمي چيف ايران جي جوهري صلاحيت ختم ڪرڻ لاءِ نوان منصوبا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ گڏوگڏ ئي ايندڙ سال ايران تي امڪاني حملي

آمريڪي ايوان اڳوڻي صدرٽرمپ جي مواخذي جو آرٽيڪل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو

واشنگٽن : آمريڪي ايوان اڳوڻي صدر ٽرمپ  جي مواخذي جو آرٽيڪل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ڪارروائي 8 فيبروري کان شروع ٿيندي،  ايوان  فيصلو ڪندو ته ٽرمپ جو مواخذو يا ان کي ٻيهر صدارتي اميدوار بڻجڻ کان روڪيو وڃي يا نه؟ ايوان نمائندگان ٽرمپ جي مواخذي

ڀارتي هارين نئين دهلي جي لال قلعي تي خالصتان جو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو

نئين دهلي: نئين دهلي ۾ يوم جمهوريه جي تقريبن دوران دهلي ۾ داخل ٿي ويا ۽ لال قلعي تي خالصتان تحريڪ جو جهنڊو ڦڙڪايو. ڀارتي ميڊيا موجب پنجاب جا هاري مودي سرڪار جي تڪراري زرعي پاليسي جي خلاف ٽن مهينن کان نئين دهلي جي رستن تي سراپا احتجاج هئا ۽

چين دنيا کي ”نئين سرد جنگ“ جي خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

ڊيووس: چين هڪ دفعو ٻيهر دنيا کي”نئين سرد جنگ“ جي خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو عالمي خابرو اداري موجب ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته وڇوٽيون پيدا ڪرڻ يا نئين سرد جنگ جي شروعات ڪرڻ ۽ ٻين کي

ايران کي جو بائيڊن مان پابندين جي خاتمي جي اميد

تهران : ايران چيو آهي ته نئين آمريڪي صدر جو بائيڊن جي انتظاميا وٽ 2015 ۾ طئي ٿيندڙ جوهري معاهدي ۾ واپسي لاءِ وقت لامحدود ناهي. ايراني ڪابينا جي ترجمان علي ربيعي موجب اسان جو ملڪ اها به اميد رکي ٿو ته واشنگٽن حڪومت ايران خلاف اهي پابنديون