والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي دستي بم حملو، هڪ اهلڪار مارجي ويو

سرينگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج مٿان دستي بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ نامعلوم ماڻهن سرينگر ڄمو هاءِ وي تي بيٺل ڀارتي اهلڪارن تي گرنيڊ اڇليو ۽ فرار ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال نيو ويو جتي هڪ اهلڪار زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو.
گرنيڊ حملي کانپوءِ ڀارتي فوج وڌيڪ نفري کي گهرائي حملو ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪري ڏني جڏهن ته علائقي جي اندرين توڙي ٻاهرين رستن کي بند ڪري سرچ آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔