نئين آمريڪي انتظاميا ايران ڊيل ۾ واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر ايران ڊيل ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيوآهي.
آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن چيو آهي ته تهران 2015ع دوران ٿيل ڊيل تي مڪمل پاسداري جو يقين ڏياري ته آمريڪا ڊيل ۾ ٻيهر شامل ٿي ويندو.
ان کان اڳ وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جين پاسڪي به ايران ڊيل ۾ آمريڪا جي ٻيهر شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو هو.
ٻئي طرف ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا جوهري ڊيل تي عمل ڪيو ته ايران به معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔