ربادا ٻه سئو ٽيسٽ وڪيٽون مڪمل ڪندڙ ٽيون فاسٽ بالر بڻجي ويو

ڪراچي: ڏکڻ آفريقا جو فاسٽ بالر ڪگيسوربادا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 200 وڪيٽون مڪمل ڪندڙ ٽيون فاسٽ بالر بڻجي ويو آهي.ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀني کان تيز 200 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو اعزاز پاڪستان جي ياسر شاهه وٽ آهي جنهن 33 ٽيسٽ ميچن مان 200 وڪيٽون حاصل ڪيون. فاسٽ بالرز ۾ تيز ترين 200 وڪيٽون پاڪستان جي وقار يونس حاصل ڪيون هن اهو ڪارنامو 7730 بالن ۾ انجام ڏنو.ڏکڻ آفريقا جي ڊيل اسٽين اهو ڪارنامو 7848 بالن ۾ انجام ڏنو جڏهن ته ربادا اهو ڪارنامو پنهنجي 44هين ٽيسٽ ۾ 8154 بالن تي حسن علي کي بولڊ ڪري انجام ڏنو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان به ربادا جي 200هين ٽيسٽ وڪيٽ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي وئي. جيڪڏهن اسٽرائيڪ ريٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ربادا جو اسٽرائيڪ ريٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالرز ۾ سڀني کان بهتر آهي.يعني ربادا 40.8 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ٻيون نمبر ڊيل اسٽين جو آهي جنهن جو اسٽرائيڪ ريٽ 42.3 آهي. ڪگيسوربادا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هينئر تائين 9 ڀيرا هڪ اننگز ۾ 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪري چڪو آهي جڏهن ته 4 ڀيرا هڪ ميچ ۾ 10 وڪيٽون به حاصل ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔