فٽبال: سپر اسٽار ليونل ميسي بارسلونا کي فاتح بڻائي ڇڏيو

ميڊرڊ: فٽبال جي راند ۾ سپر اسٽار ليونل ميسي جي شاندار واپسي ٿي ۽ بارسلونا کي فاتح بڻائي ڇڏيو.
اسپينش فٽبال جي ميگا ايونٽ ۾ اسٽارز سان ڀريل ٽيم بارسلونا جو رايو ويلڪانو سان جوڙ ٿيو، زبردست حملن باوجود پهرئين هاف ۾ ڪو به گول نه ٿي سگهيو ۽ مقابلو سنسني خيز ٿي پيو، ٻئين هاف ۾ رانديگر ڪافي جوش ۾ نظر آيا، رايو 63 هين منٽ تي برتري حاصل ڪري ورتي، صرف ڇهه منٽن کانپوءِ مايا ناز ليونل ميسي حساب برابر ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي واپسي کي شاندار بڻائي ڇڏيو، 80 منٽ تي ٿيل گول فيصلائتو ثابت ٿيو، بارسلونا جي ٻه هڪ جي فتح تي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ملي وئي.
ٻئين ميچ ۾ سويلا ويلنشيا کي اپ سيٽ ڪري ڇڏيو، ٽي صفر جي شاندار فتح کي پنهنجي نالي ڪيو، ڊي جونگ ٻه گول اسڪور ڪيا، ان ايونٽ ۾ المريا مخالف ساسونا خلاف فتح ميڙي، ميچ جو فيصلو پنلٽي ڪڪس تي ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔