هرهنڌ عورت عورت نه ٿيڻ گهرجي، مرد جي پنهنجي جاءِ آهي

ڪراچي: پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ثروت گيلاني جو چوڻ آهي ته هر جاءِ هر هنڌ صرف عورت عورت نه ٿيڻ گهرجي، مرد جي پنهنجي جاءِ آهي.
ميرا سيٺي ويب شو ۾ ڳالهائيندي اداڪاره ثروت گيلاني جو چوڻ هو ته مونکي محسوس ٿئي ٿو ته هڪ خاص وقت ۾ مرد جي به ضرورت پوي ٿي، عورت چاهي ڪيترو به آزاد هجي، مونکي لڳي ٿو ته آئون هڪ آزاد عورت آهيان پر منهنجو خال آهي ته مونکي به ضرورت پئجي سگهي ٿي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي جيڪو چوي ته آئون توهان جو خيال رکندس، اهوئي جنهن تي آئون دارومدار ڪري سگهان.
اداڪار موجب پاڪستان ۾ خاص طور تي جڏهن اسان فيمينزم جي ڳالهه ڪيون ته ماڻهن کي لڳندو آهي ته ان ۾ مرد جو ڪو هٿ ناهي جڏهن ته ڪيترائي مرد فيمينزم کي اڳتي کڻي وڃڻ ۾ مدد ڪندا آهن ڇو ته هو پنهنجي عورتن سان سهڪار ڪندا آهن ۽ انهن کي حوصلو ڏيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔