شردها جي شادي وارين خبرن تي شڪتي ڪپور خاموشي ختم ڪري ڇڏي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار ورون دهون طرفان سليبرٽي فوٽو گرافر روهن شريستها کي مبارڪباد واري پيغام کي انسٽا اسٽوري تي شيئر ڪرڻ کان پوءِ بالي ووڊ اداڪاره شردها ڪپور ۽ روهن شريستها جي شادي بابت مختلف افواهون جاري آهن. ان حوالي سان بالي ووڊ جي سينئر اداڪار شڪتي ڪپور پنهنجي ڌيءَ جي شادي جي خبرن تي بيان ڏنو آهي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي شڪتي ڪپور چيو ته مون کي خبر ناهي ته انٽرنيٽ تي ڪهڙيون خبرون ۽ افواهون هلي رهيون آهن پر مان هميشه پنهنجي ڌيءَ سان گڏ رهندس. هن چيو ته شادي سميت زندگي جي هر فيصلي ۾ شردها سان گڏ آهيان. روهن شريستها ئي ڇو؟ جيڪڏهن هو اچي مون کي ٻڌائي جنهن کي به هن چونڊيو آهي ۽ جنهن سان به هو زندگي گذارڻ چاهي ٿي ته ان تي مون کي ڪوبه اعتراض نه هوندو.روهن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي شڪتي ڪپور چيو ته روهن سٺو ڇوڪرو آهي. ننڍپڻ کان ئي ان جي گهر اچڻ وڃڻ آهي پر شردها مون کي ان جي باري ۾ ناهي ٻڌايو ته هو ان سان شادي جو ارادو رکي ٿي. منهنجي ويجهو هو اڃان تائين ننڍپڻ جا ئي دوست آهن. مون کي خبر ناهي ته هو هڪ ٻئي جي باري ۾ سنجيده آهن يا نه.ڀارتي اداڪار وڌيڪ چيو ته روهن جي والد راڪيش شريستها کي فوٽو گرافر بنجڻ کان اڳ ئي سڃاڻان ٿو. راڪيش سان گڏ نه صرف ڪيترائي فوٽو شوٽ آهن پر اسان ٻنهي گڏجي ڊنر به ڪيا آهن، ٻاهر ايندا ويندا رهندا آهيون. هو منهنجو تمام سٺو دوست آهي.a

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔