مسجدن تي حملا ڪري لائيو ڏيکارڻ جي منصوبابندي ڪندڙ شاگرد گرفتار

ماجلاهه: سنگاپور ۾ مسجدن تي حملو ڪري ان کي لائيو ڏيکارڻ جي منصوبابندي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي مڊيا موجب سنگاپور جي سخت قانون انٽرنيشنل سيڪيورٽي ايڪٽ جي تحت هڪ 16 سالن جي شاگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن تي مسلمانن تي حملو ڪرڻ جي منصوبابندي ڪرڻ جو الزام آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار جي عمر 16 سال آهي جيڪو 15 مارچ تي 2019 جي ڪرائسٽ چرچ حملي جي ورسي جي موقعي تي ٻن مسجدن تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سنگاپور جي گهرو وزارت جو ٻڌائڻ آهي ته گرفتار جوابدار جو تعلق ڀارت جي ڪرسچن ڪميونٽي سان آهي جيڪو هن سيڪيورٽي ايڪٽ جي تحت گرفتار ڪيل سڀ کان ننڍي عمر جو جوابدار آهي.
سنگاپورين گهرو وزارت جوابدار جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته جوابدار کي گذريل مهيني گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هو شدت پسندي جي نظرين مان متاثر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔