ٻٽي شهريت ڪيس: مراد علي شاهه جي وڪيل پاران لارجر بئنچ بابت جواب جمع

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي ٻٽي شهريت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڏي وزير جي وڪيل لارجر بينچ جوڙڻ جي استدعا تي جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ قائم ٽه رڪني بينچ درخواست گذار جي وڪيل کان جواب طلب ڪري ورتو. سينئر وڪيل حامد خان عدالت کي ٻڌايو ته ان مسئلي تي جسٽس فائز عيسيٰ وٽ ڪيس جو فيصلو به محفوظ آهي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته ٻئي ڪيس جي فيصلي تائين انتظار ڪرڻ ضروري آهي، عدالت ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔