سليڪٽيڊ حڪومت صرف ڪرپشن، ڪميشن ۽ چوري ۾ ترقي ڪئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي عمران خان جي حڪومت جي ڪرپشن جو عالمي ثبوت قرار ڏئي ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته هر محاذ تي ناڪام سليڪٽيڊ حڪومت صرف ڪرپشن، ڪميشن ۽ چوري ۾ ترقي ڪئي. هن چيو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ عمران صاحب جي ڪوڙي بيانئي ۽ الزامن جي منهن تي چماٽ آهي. ن ليگ ترجمان چيو ته ٻين کي چور چور چوڻ وارن فرشتن جي دور ۾ ملڪ ڪرپٽ ترين ٿي ويو،حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته ٽرانسپرنسي عمران صاحب جي 400 ارب رپين جي کنڊ ۽ ۲۱۵ ارب رپين جي اٽي جي چوري جي تصديق ڪري ڇڏي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔