ڪرپشن ۾ واڌ اپوزيشن نه پئي چئي پر ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پي ٽي آءِ جو اصل چهرو قرار ڏيندي چيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت ايمانداري جو رڳو ويس اوڍي رکيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت اي ٽي ايم کي فائدو ۽ عوام کي نقصان پهچائي ٿي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي پنهنجي رد عمل ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪرپشن ۾ واڌ اپوزيشن نه پئي چئي پر ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي تصديق ٿيل رپورٽ آهي، ماضي ۾ عمران خان به ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جا مثال ڏيندو هو. هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ پي ٽي آءِ جي شفافيت جي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، پ پ هميشه چوندي هئي ته هيءَ حڪومت سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي، رپورٽ انهيءَ موقف جي تائيد آهي. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي غلط فيصلن سبب عوام جو استحصال ٿي رهيو آهي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔