ڪرپشن جو خاتمو ٿئي پيو، ڪوڙ سان عوام کي گمراهه نٿو ڪري سگهجي: حليم عادل

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ٿي رهيو آهي، ڪوڙ سان عوام کي گمراهه نٿو ڪري سگهجي، ذهني دٻاءُجو شڪار پ پ جو صلاحڪار رپورٽ پڙهڻ بنا تنقيد ڪري پيو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي مرتضيٰ وهاب جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته پ پ جي سياست مسلسل ڪرپشن سبب ختم ٿي چڪي آهي، پ پ ڪريل ڀِت کي سهارو ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پئي. هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ ڪرپشن جا انگ اکر نواز شريف جي دور جا آهن، ذهني دٻاءُ جو شڪار پ پ جو صلاحڪار رپورٽ پڙهڻ کانسواءِ تنقيد ڪري رهيو آهي.حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ٿي رهيو آهي، سنڌ اندر اڄ به عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي، 13 سالن ۾ ترقي صرف ڪرپشن ۾ ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔