بي اعتمادي رٿ واري تجويز تي وزير اعظم هائوس ۾ ڀونچال آهي: نيئر بخاري

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي تجويز تي وزير اعظم هائوس ۾ ڀونچال آيل آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته پيپلز پارٽي جي تجويز کانپوءِ وزير اعظم کي پارٽي ميمبر ۽ اتحادين جي ياد اچي وئي. هن چيو ته وزيراعطم جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس پي ڊي ايم جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. هن چيو ته آصف زرداري پهريان ئي چئي ڇڏيو هو ته هي پنهنجي وزن سان ڪرندا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔