نوي ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي دعوا ڪندڙ ٽرانسپرنسي کي جواب ڏين: شيري رحمان

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان جي ڪرپشن ختم ڪرڻ جي دعوا ڪوڙي نڪتي، موجودهه حڪومت ۾ ڪرپشن گهٽجڻ بدران ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن بابت عالمي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي شيري رحمان چيو ته عالمي اداري جي رپورٽ حڪومت تي سواليا نشان آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن 2019 جي مقابلي ۾ 2020 ۾ وڌي آهي،90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي دعوا ڪندڙ ٽرانسپرنسي کي جواب ڏين. پ پ اڳواڻ چيو ته موجودهه حڪومت ۾ پاڪستان ڪرپشن فهرست ۾ 7 نمبر مٿي آهي.، تباهي سرڪار جي حيرت ۾ وجهندڙ ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي دنيا ڏسي رهي آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔