جوبائيڊن ۽ پيوٽن وچ ۾ پهرين ئي رابطي دوران اختلاف سامهون اچي ويا

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ روسي صدر پيوٽن جي وچ ۾ پهرين ئي ٽيليفون رابطي ۾ مختلف معاملن تي اختلاف سامهون اچي ويا آهن.وائٽ هائوس موجب ٽيليفون رابطي دوران آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي روسي هم منصب سان آمريڪي چونڊن جي دوران روسي سائبر حملا، روس جي اپوزيشن اڳواڻ جي گرفتاري ۽ ان کي زهر ڏيڻ سميت يوڪرين ۾ روسي جارحيت تي ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته آمريڪا روسي جارحيت جي خلاف يوڪرين جي حمايت ڪري ٿو.آمريڪي صدر جي پريس سيڪريٽري جين پاسڪي ٻڌايو ته صدر جوبائيڊن واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن روس طرفان آمريڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور طريقي سان پنهنجو دفاع ڪيو ويندو.پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي ملڪن جي صدرن طرفان پهرين ئي ٽيليفونڪ رابطي ۾ مختلف معاملن تي اختلاف سامهون اچڻ کان پوءِ اها شيءَ ته واضح ٿي وئي آهي ته آمريڪا ۽ روس جي لاڳاپن ۾ گذريل دور حڪومت جيان ڇڪتاڻ برقرار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔