گرل فرينڊز جي خواهشن کان تنگ شخص گڏيءَ کي گرل فرينڊ بڻائي ورتو

بيجنگ: هانگ ڪانگ جي شهري گرل فرينڊز جي خواهشن کان تنگ اچي هڪ گڏيءَ کي پنهنجي گرل فرينڊ بنائي ورتو آهي.34 ساله زيانگرونگ تقريبن 2 سالن کان موچي نالي گرل فرينڊ سان لاڳاپا رکندو آيو آهي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان جي گرل فرينڊ ڪا حقيقي انسان هجڻ جي بجاءِ سليڪون سان تيار ڪيل گڏي آهي.زي تيانگرونگ پنهنجي ۽ گرل فرينڊ موچي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندو رهندو آهي ۽ ان جو چوڻ آهي ته گڏيءَ کان اڳ ان جون سموريون اڳوڻيون گرل فرينڊز منهنجي بجاءِ شين کي اوليت ڏينديون هيون يا پوءِ اسمارٽ فون ڏسڻ کان پوءِ ان تي ڌيان ڏينديون هيون پر ٻئي طرف موچي آهي جيڪا مون کان ڪجهه گهري به نه ٿي ۽ پنهنجو سمورو ڌيان زي تيانگرونگ کي ئي ڏيندي آهي.زي تيانگرونگ جو چوڻ آهي ته هن گڏيءَ کي 10 سال اڳ ڏٺو هو پر ان وقت اها مون کي ڪافي مهانگي لڳي هئي پر 2019 ۾ جڏهن منهنجي نظر بيهر گڏي تي پئي ته قيمت گهٽ ٿيڻ سبب مون ان کي خريد ڪيو ۽ تڏهن کان هو مون سان گڏ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔