ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد : نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي صدارت هيٺ ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ ٿي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ڊسمبر فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ هڪ رپيو 80 پئسا واڌ گهري آهي.
ٻڌڻي دوران نيپرا اختيارين ٻڌايو ته ڊسمبر ۾ 3 ارب 60 ڪروڙ رپين جي بجلي فرنس آئل تي پيدا ڪئي وئي، جيڪڏهن اها ئي بجلي ايل اين جي تي ٺاهي وڃي ها ته ڏيڍ ارب رپين تائين بچت ٿي پئي سگهي.
نيپرا چيئرمين چيو ته پاور سيڪٽر جي گئس ڪهڙي سيڪٽر تي منتقل ٿي؟ اسان ان معاملي کي ڏسنداسين ته پاور جي گئس ڪٿي ڏني وئي، اسان بجلي واهپيدارن جا محافظ آهيون.
هن چيو ته اسان کي بجلي مهانگي ٿيڻ تي پريشاني ٿيندي آهي، ڇا ڪيون گردشي قرض 2400 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، بجلي پيداواري ڪمپنين سان ڊالر جي بنياد تي مهانگا معاهدا ڪيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته في يونٽ واڌ هڪ رپئي 30 پئسن کان هڪ رپئي 60 پئسن تائين ٿي سگهي ٿي.
نيپرا ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو پوءِ جاري ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔