هر وقت ٻارن سان پيار ڪرڻ ناممڪن آهي: ڪاجول

ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ڪاجول چيو آهي ته اوهان يقيني طور تي هر وقت پنهنجي ٻارن سان محبت نٿا ڪري سگهو ڇو ته ٻارن سان هر وقت پيار ڪرڻ ممڪن نه آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪاجول ٻڌايو ته معاشري ۾ مائرون هڪ خاني ۾ قيد آهن ۽ جڏهن اهي ان خاني مان ٻاهر اچي وڃن ته انهن کي آساني سان جج ڪيو ويندو آهي.جيڪڏهن اوهان پنهنجي ٻارن جي لاءِ ماني نٿا پچايو ۽ انهن کي اسڪول مان وٺڻ نٿا وڃو ته اوهان هڪ خراب ماءُ آهيو. جيڪڏهن اوهان ٻارن جي پيرنٽس ٽيچر ميٽنگ ۾ شرڪت نٿا ڪريو ته اوهان هڪ خراب ماءُ آهيو. هتي ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي اوهان کي هڪ خراب ماءُ بنائينديون آهن پر ڪابه اهڙي شيءَ ناهي جيڪا اوهان کي هڪ سٺي ماءُ بنائي. ٻارن سان هر وقت پيار ڪرڻ بابت ڪاجول جو چوڻ هو ته اوهان صرف والدين کان اهو سوال ڪري سگهو ٿا ڇو ته جيڪڏهن اوهان والدين آهيو ته اوهان کي اهو سمجهه اچي ويندو ته هي يقيني طور تي سچ نه آهي.ڪاجول موجب اوهان يقيني طور تي هر وقت پنهنجي ٻارن سان محبت نٿا ڪري سگهو. جيڪڏهن اوهان 60 سيڪڙو مينيج ڪري وٺندا آهيو ته اوهان جو ٻارن سان هڪ بهترين رشتو آهي ۽ جيڪڏهن حصو 40 سيڪڙو آهي ته هو ڪاوڙ جو اظهار ڪندا ان ڪري 60 سيڪڙو بهترين آهي. هڪ ٻئي انٽرويو ۾ ڪاجول جو چوڻ هو ته مان پنهنجي ماءُ سان ڪڏهن به بغاوت نه ڪئي. منهنجو ان سان حيرت انگيز رشتو رهيو. هن منهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه به ڪيو هر اهو فيصلو جيڪو هن ڪيو. هن مون کي اهڙي طريقي سان سمجهايو جهڙي طرح مان سمجهي سگهان ٿي. چاهي اها منهنجي والدين جي وچ ۾ ڌار ٿيڻ ئي ڇو نه هجي. انهن جو ڪم تي وڃڻ هجي يا بطور ورڪنگ وومين ڪهڙو به فيصلو هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔