سڄي ملڪ ۾ پهرين فيبروري کان سڀئي تعليمي سرگرميون بحال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ پهرين فيبروري کان سڀئي تعليمي سرگرميون بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

وفاقي وزير براءِ منصوبا بندي اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي وئي.

ان فيصلي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پهرين فيبروري کان سڀئي تعليمي سرگرميون بحال ٿي وينديون.

پرائمري ۽ مڊل ڪلاسز پهرين فيبروري کان شروع ٿينديون، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ يونيورسٽيز پهرين فيبروري تي کلي وينديون.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، لاهور ۽ پشاور ۾ هڪ ڏينهن ۾ 50 سيڪڙو شاگرد ڪلاسز اٽينڊ ڪندا.

واضح رهي ته 18 جنوري تي پهرين مرحلي ۾ نائين ۽ ٻارهين جماعت تائين تعليمي ادارا 2 مهينا بند رهڻ کانپوءِ کوليا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔