ويرات ڪوهلي ۽ تمنا ڀاٽيا کي آن لائن گيمز جي مشهوري ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

ڪيرالا : ڀارتي عدالت آن لائن ڪارڊ گيمز جي مشهوري تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ بالي ووڊ اداڪارا تمنا ڀاٽيا کان جواب طلب ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيرالا هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ويرات ڪوهلي ۽ تمنا ڀاٽيا سميت ٻيا اداڪار آن لائن ڪارڊ گيمز جا ايمبيسڊر آهن، جنهن سبب ماڻهن جو وڏو انگ ان ڏانهن ڌيان ڏئي رهيو آهي، آن لائن ڪارڊ گيمز ڏينهون ڏينهن مشهور ٿي رهيون آهن، تنهن ڪري قانوني طور انهن گيمز تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.
عدالت درخواست گذار جي اپيل تي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي، اداڪارا تمنا ڀاٽيا سميت مليالم اداڪار ۽ ڪيرالا حڪومت کي آن لائن ڪارڊ گيمز جي مشهوري تي نوٽيس موڪليندي جواب طلب ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔