امريڪا ۾ حڪومت مخالف انتهاپسندن طرفان دهشتگردي جو خدشو،الرٽ جاري

واشنگٽن : امريڪا ۾حڪومت مخالف انتهاپسندن طرفان دهشتگردي جو خدشي سبب امريڪي کاتي هوم لينڊ سيڪيورٽي طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي،  هوم لينڊ سيڪيورٽي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت مخالف انتها پسند امريڪا جي ڪنهن به شهر ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪري سهگن ٿا، هوم لينڊ سڪيورٽي جي عملدارن  موجب چونڊيل عهديدارن ۽ سرڪاري عمارتن تي حملن جو خدشو آهي،  هوم لينڊ سڪيورٽي جي عملدارن ٻڌايو ته  ايندڙ ڪيترن ئي هفتن تائين حملن جو خدشو برقرار رهي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔