سنڌ سوڌو ملڪ جي خانگي يونيورسٽين ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن جوعمل شروع

ڪراچي: سنڌ سوڌو ملڪ جي خانگي يونيورسٽين ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، پي ايم سي ميرٽ لسٽ جوڙي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي اماڻي ڇڏي، جنهن ۾ پي ايم سي پاران خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ شاگرد کي داخلا ڏيڻ وارو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي، پي ايم سي جي 60 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ شاگرد کي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ڏيڻ واري شرط سبب سنڌ جا خانگي ميڊيڪل ڪاليج پريشان ٿي ويا، پي ايم سي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي ٻين صوبن جي شاگردن کي به داخلا ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي . سنڌ جي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي پي ايم سي پاران موڪليل ميرٽ لسٽ ۾ 60 سيڪڙو ٻين صوبن ۽ 40 سيڪڙو سنڌ صوبي جي شاگردن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، پي ايم سي جي نئين قانون موجب ڪنهن به صوبي جو شاگرد ٻئي صوبي جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهي ٿو ۽ پي ايم سي جي نئين قانون سان خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ به سنڌ جا 60 سيڪڙو شاگرد گهٽ داخل ٿيندا. خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ به داخلا لاءِ  60 سيڪڙو واري شرط سان  سنڌ جي شاگردن جي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ به رستا روڪ ٿيندي، انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ صوبي جي شاگردن جو پاس وارو تناسب صرف 33 سيڪڙو هجڻ سبب سنڌ جي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ يا ته سيٽون بچي پونديون يا وري ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ملي ويندي. و سنڌ ڪابينا جي فيصلي موجب سنڌ جون سرڪاري توڙي خانگي ميڊيڪل ڪاليج  95 سيڪڙو سنڌ ۽ 5 سيڪڙو ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏئي سگهن ٿيون. سنڌ جي سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۾ سنڌ صوبي جي ڊوميسائيل جو شرط لاڳو آهي پر پي ايم سي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ساڳي صوبي جو ڊوميسائيل هجڻ وارو شرط ختم ڪري ڇڏيو. گذريل سال خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 39 سيڪڙو مارڪن تي به داخلا ٿي، انٽري ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙو مارڪون نه کڻي سگهندڙ شاگرد خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا کان رهجي ويندا. جڏهن ته شاگردن پاران 60 سيڪڙو شرط ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پي ايم سي جي 60 سيڪڙو مارڪن واري شرط جو جائزو وٺي سنڌ ڪابينه جي فيصلي تي عمل ڪرائي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔