ڪراچي ٽيسٽ: پاڪستاني ٽيم ٽي سئو اٺهتر رنسن تي آئوٽ

ڪراچي: ڪراچي ۾  کيڏي ويندڙ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ دوران قومي ٽيم 379 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ان کي مهمان ٽيم  مٿان 158 رنسن جي برتري حاصل آهي.

ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان جي پهرين وڪيٽ حسن علي جي ڪري جيڪو 21 رنسون ٺاهي راباده جي بال تي بولڊ ٿي ويو. نعمان علي ۽ ياسر شاهه آخري وڪيٽ تي قيمتي 55 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ ميچ جي ٻين پاڪستاني رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. اظهر علي ۽ فواد عالم وچ ۾ 94 رنسن جي پارٽنر شپ ٽيم کي سهارو ڏنو. اظهر علي اڌ سينچري ٺاهي. محمد رضوان 33 ۽ فهيم اشرف 64 رنسن جي اننگز کيڏي.

فواد عالم به 109 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن قومي ٽيم جي بيٽنگ جي شروعات سٺي نه هئي ۽ ان جا ٻئي اوپنر 15 جي گڏيل اسڪور تي پويلين موٽي چڪا هئا. عمران بٽ 9، عابد علي 4، بابر اعظم 7 ۽ شاهين آفريدي ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پاڪستاني بالر مهمان ٽيم تي حاوي رهيا ۽ صرف 220 رنسن تي سموري ٽيم آئوٽ ٿي وئي.

پهرين انگز ۾ ڊين ايلڪر 58 رنسن سان نمايان  رانديگر رهيو. جارج لائنڊ 35 ۽ ڪپتان ڪونٽن ڊي ڪوڪ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. فف ڊوپليسز پنهنجي  ٽيم جي اسڪور ۾ 23 رنسن جو اضافو ڪيو. پاڪستان طرفان اسپنر ياسر شاهه 3 وڪيٽن سان ڪامياب بالر رهيو جڏهن ته شاهين آفريدي کان علاوه پنهنجو پهريون ٽيسٽ کيڏندڙ نعمان علي 2-2 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته هڪ وڪيٽ حسن علي کي ملي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔