قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب، وفاقي بجيٽ 12 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته سالياني بجيٽ 12 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

صدر پاڪستان آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس تي قومي اسيمبلي جي ٻنهي ايوانن جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي ٻنپهرن جو 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

وفاقي وزير پارلياماني معاملا طارق فضل چوڌري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته بجيٽ جمعي 12 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 27-2026 جو وفاقي بجيٽ پيش ڪندو.

تبصرے بند ہیں۔