عباس عراقچي جو ترڪ پرڏيهي وزير ۽ فيلڊ مارشل سان رابطو

تهران : ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته هن ترڪ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني فيلڊ مارشل سان فون تي ڌار ڌار ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ايراني ميڊيا موجب پرڏيهي وزير فرانس ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن سان به فون تي گفتگو ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ڳالهه ٻولهه ۾ اسرائيل خلاف ايران جي ردعمل ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف سعودي پرڏيهي وزارت موجب سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ به ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي تبادلو خيال ڪيو ويو.

تبصرے بند ہیں۔