سون وڌيڪ سستو ٿي ويو، عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمتون گهٽ ٿي ويون

ڪراچي: سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمت اڄ به گهٽ ٿيڻ سبب سستو ٿي ويو. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن في اونس سون جي قيمت 30 ڊالر 94 سينٽس جي گهٽتائي سان 4 هزار 297 ڊالر جي سطح تي اچي ويو.

عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي صرافه بازارن ۾ به سومر جي ڏينهن 24 قيراط في تولو سون جي قيمت ۾ 3094 روپين جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي جنهن کان پوءِ نئين قيمت 4 لک 52 هزار 233 روپين جي سطح تي اچي وئي.

اهڙي طرح مقامي سطح تي في 10 گرام سون جي قيمت 2785 روپيه گهٽ ٿي 3 لک 86 هزار 987 روپيه ٿي وئي. سون جي قيمتن سان گڏوگڏ ملڪ ۾ في تولو چاندي جي قيمت به 94 روپين جي گهٽتائي سان 7 هزار 173 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت 86 روپين جي گهٽتائي سان 6 هزار 116 روپين جي سطح تي اچي وئي.

ياد رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن(ڇنڇر جي ڏينهن) به سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ 124 ڊالر في اونس قيمت گهٽ ٿي هئي جڏهن ته مقامي سطح تي سون 12489 روپيه في تولو ۽ 11240 روپيه في 10 گرام سستو ٿي ويو هو. اهڙي طرح ڇنڇر جي ڏينهن چاندي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

 

تبصرے بند ہیں۔