ڪراچي: ڪراچي سميت سموري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين گرمي پد ۾ نمايان گهٽتائي جي امڪانن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي جي تازي اڳڪٿي موجب سموري ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي جي شدت معمول کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي پد سبي ۾ رڪارڊ ڪيو ويو جتي پارو 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. انهي کان علاوه دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 48 ڊگري جڏهن ته تربت ۽ موهن جو دڙو ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو. سکر، نوابشاهه ۽ ڊيره غازي خان ۾ گرمي پد 46 ڊگري تائين رهيو جڏهن ته ملتان ۽ بهاوالپور ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
لاهور ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 43 ڊگري، پشاور ۾ 42 ڊگري جڏهن ته اسلام آباد ۽ مظفر آباد ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح ڪراچي ۽ ڪوئٽه ۾ گرمي پد 37 ڊگري، جڏهن ته گلگت ۾ 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جاري گرمي جي لهر گهٽ ۾ گهٽ 12 جون تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. خاص طور تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وچولي کان سخت گرمي پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن سبب شهرين کي غير ضروري طور تي اُس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
ڪراچي جي حوالي سان موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي دوران شهر ۾ گرمي جي شدت وڌيڪ وڌي سگهي ٿي ۽ 12 جون تائين گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان موجود آهي. اڄ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن سبب گرمي جو احساس انهي کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔