سائيڪو چوڻ تي اداڪاره ميرا طرفان ڪاوڙ جو اظهار، فنڪارن کي عزت ڏيڻ جو مطالبو

لاهور:  پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪاره ميرا سائيڪو چوڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ شخص طرفان اداڪاره ميرا جو ان جي فلم سائيڪو بابت انٽرويو ڪيو ويو.

انٽرويو وٺندڙ شخص چيو ته اوهان پهريان به سائيڪو هئي، جنهن کان پوءِ اوهان فلم ۾ به سائڪو جو ڪردار ادا ڪيو، اڃان تائين اوهان سائيڪو جي ڪردار کان ٻاهر نه اچي سگهيون آهيو. جنهن جي جواب ۾ اداڪاره ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان مون کي عزت نه ڏيندو ته اسان کي هونئن به انڊيا ۾ تمام گهڻي عزت ملندي آهي.

اداڪاره ميرا چيو ته اوهان مون کي سائيڪو چيو ۽ اهو به چيو ته مان انهي کان پهريان به سائيڪو هئس، اسان کي اها عزت ناهي ملي، مان انهي ڪردار جو حصو آهيان ۽ منهنجي لاءِ اهو مشڪل ترين ڪردار هو.

هن چيو ته مان سمجهان ٿي ته انهي ڪردار کان پوءِ مون کي ۽ هدايتڪار شان شاهد کي ماڻهو خراج تحسين پيش ڪندا ڇو ته اسان پاڪستان ۾ رهي سائيڪو جهڙي مشڪل فلم ٺاهي آهي.

هن وڌيڪ چيوته اها هڪ ڊپريشن واري فلم آهي، انهي ۾ اسان اوهان کي ڪجهه سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، منهنجي فلم جي ڪردار مان ڪجهه سکي سگهو ٿا ته سکي وٺو. ياد رهي ته فلم سائيڪو کي عيدالاضحيٰ تي رليز ڪيو ويو هو، فلم جي ڪاسٽ ۾ سپر اسٽار شان شاهد، سونيا حسين، ميرا، شبير جان ۽ ٻيا شامل آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔