سپريم ڪورٽ بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ڪميشن جي ميمبرز کي فوري طلب ڪري ورتو

اسلام آباد:عوام کي جمهوريت کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي؟ سپريم ڪورٽ بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ڪميشن جي ميمبرز کي فوري طلب ڪري ورتو، اٽارني جنرل کان به جواب طلب، بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته بلدياتي چونڊون نه ڪرائي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، ڇا چيف اليڪشن ڪمشر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز پنهنجو حلف ناهي ڏٺو، ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر آئين نه پڙهيو آهي؟ اٽارني جنرل جيڪڏهن وزيراعظم سان گڏ آهي ته کيس ٻڌائي آئين وڌيڪ اهم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔