ايران کي جو بائيڊن مان پابندين جي خاتمي جي اميد

تهران : ايران چيو آهي ته نئين آمريڪي صدر جو بائيڊن جي انتظاميا وٽ 2015 ۾ طئي ٿيندڙ جوهري معاهدي ۾ واپسي لاءِ وقت لامحدود ناهي.
ايراني ڪابينا جي ترجمان علي ربيعي موجب اسان جو ملڪ اها به اميد رکي ٿو ته واشنگٽن حڪومت ايران خلاف اهي پابنديون جلد ختم ڪندي، جيڪي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاڳو ڪيون هيون.
جو بائيڊن اهو چئي چڪو آهي ته هو ايران ۽ عالمي برادري سان طئي ٿيندڙ جوهري معاهدي ۾ واپسي چاهين ٿا پر علي ربيعي جو چوڻ هو ته ان حوالي سان اڃا تائين واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ڪو رابطو ناهي ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔