اسرائيلي آرمي چيف ايران تي حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

تل ابيب: اسرائيلي آرمي چيف ايندڙ سال ايران تي امڪاني حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي آرمي چيف ايران جي جوهري صلاحيت ختم ڪرڻ لاءِ نوان منصوبا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ گڏوگڏ ئي ايندڙ سال ايران تي امڪاني حملي جي تياري جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي.
اسرائيلي آرمي چيف جو چوڻ هو ته ايران تي دٻاءُ برقرار رکنداسين، ايران وٽ ايٽم بم بڻائڻ جي صلاحيت ڪنهن صورت نه هئڻ گهرجي.
اسرائيلي آرمي چيف آمريڪي صدر جو بائيڊن انتظاميا کي به خبردار ڪري ڇڏيو ته 2015 جي اران ڊيل ۾ ٻيهر شامل نه ٿيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔