سيڪريٽري اجلاسن ۾ نٿا وڃن: وفاقي وزيرن جي وزيراعظم کي شڪايت

اسلام آباد: وفاقي وزيرن ڪابينا ۽ پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل نه ٿيڻ تي وزيراعظم آڏو سيڪريٽرين جي شڪايت ڪئي آهي. ذريعن مطابق ڪجهه وفاقي وزيرن ڪميٽين جي اجلاسن ۾ سيڪريٽرين جي شرڪت نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ان جي شڪايت وزيراعظم کي ڪئي، جنهن تي وزيراعظم وفاقي سيڪريٽرين جي شرڪت نه ٿيڻ واري شڪايت جو نوٽيس ورتو. وزيراعظم وفاقي سيڪريٽرين کي هر حال ۾ ڪابينا ۽ پارلياماني ڪميٽين جي اجلاسن ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سيڪريٽري مڪمل تياري سان اجلاسن ۾ ذاتي شرڪت کي يقيني بڻائين. ڪابينا ڊويزن وزيراعظم ۽ ڪابينا جي فيصلي تي وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت نامو موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ سرڪاري مصروفيتن جي ڪري غير حاضر رهڻ بابت سيڪريٽري وقت کان اڳ لکت ۾ درخواست ڪابينا کي اماڻيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔