ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو انگ 10 ڪروڙن کان وڌي ويو

واشنگٽن : 2019 جي آخر ۾ منظر تي ايندڙ ڪورونا وائرس هيل تائين 100 ملين کان وڌيڪ انسانن کي متاثر ڪري ورتو.
ڪورونا وبا بابت انگ اکر ٻڌائيندڙ آمريڪا جي جانز هاپڪنز يونيورسٽي موجب وائرس جي شروعات کان هيل تائين سڄي دنيا ۾ متاثر ٿيندڙن جو انگ 10 ڪروڙ 270 لک کان وڌي ويو آهي.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها وبا هيل تائين سڄي دنيا ۾ 21 لک 57 هزار انساني جانيون ضايع ڪري چڪي آهي.
ان وائرس سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ آمريڪا جو پهريون، ڀارت جو ٻيو، برازيل جو ٽيون، روس جو چوٿون ۽ برطانيا جو پنجون نمبر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔