براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

افغان صوبي لقمان ۾ گورنر جي قافلي مٿان حملو، اٺ ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغان صوبي لقمان جي گورنر جي قافلي تي بم حملي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.افغان ميڊيا موجب صوبي لقمان جي گورنر رحمت الله يارمل جو قافلو گيسٽ هائوس کان آفيس طرف وڃي رهيو هو ته ان دوران گاڏي جي ويجهو بم

اسپتال ۾ علاج هيٺ ڊونلڊ ٽرمپ جو اهم پيغام

واشنگٽن : آمريڪي صدر جي ڊاڪٽرن چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي ۽ هو تمام جلد واپس وائيٽ هائوس منتقل ٿي ويندو. ٽرمپ جي ڊاڪٽر شان ڊولي اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪي صدر جي حالت ڪهڙي ڪهڙي مهل ان کان به وڌيڪ خراب ٿي رهي هئي،

طب جو نوبل انعام هيپاٽائٽس سي جي ٽن محقنن جي نانءُ

اسٽاڪ هوم :هن سال طب جو نوبل انعام ٻن آمريڪي محققن هاروي آلٽر ۽ چارلس رائس سميت ان جي برطانوي ساٿي مائيڪل هائوٽن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسٽاڪ هوم ۾ نوبل ڪميٽي اعلان ڪيو ته انهن محقنن کي اهو اعزاز هيپاٽائٽس سي وائرس جي دريافت تي ڏنو

ڀارتي بحريه جو جهاز ڪري تباهه، ٻه نيوي اهلڪار فوت

نئين دهلي: ڀارتي بحريه جو بنا انچڻ وارو جهاز تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 2 نيوي اهلڪار فوت ٿي ويا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب گلائيڊر جهاز معمول جي اڏام تي هو ته ڪيراله ۾ ڪوچي جي هنڌ تي ڪري تباهه ٿي ويو. حادثو ڀارت جي مقامي وقت صبح

اسرائيل ۾ لکين شهرين جو وزيراعظم نيتن ياهو خلاف احتجاج

تل ابيب : اسرائيل ۾ هڪ لک کان وڌيڪ شهرين ڪورونا وائرس سبب ٻيهر لاڪ ڊائون ۽ وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو خلاف وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. اهڙا احتجاجي مظاهرا نه رڳو ملڪ جي وڏن شهرن پر ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن تائين ڪيا ويا، جنهن جو

روسي صدر ولاديمير پيوٽن پاران آرمينيا ۽ آذر بائيجان تي فوري طور جنگبندي تي زور

ماسڪو؛ روسي صدر ولاديمير پيوٽن آرمينيا ۽ آذر بائيجان تي فوري طور جنگبندي تي زور ڀريو آهي. پيوٽن آرمينيا جي وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. روسي صدر صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن تي جنگبندي لاء زور وڌو. ظم

ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسپتال منتقل

واشنگٽن:   ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ملٽري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  آمريڪي صدر ٽرمپ ماسڪ لڳائي هيليڪاپٽر ۾ اسپتال پهتو جڏهن ته ميلانيا ٽرمپ جي طبيعت ڪجهه بهتر هجڻ سبب کيس اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو. وائٽ هائوس

پاڪستان طالبان کي جنگ روڪڻ تي قائل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي: عبدالله عبدالله

پاڪستان طالبان کي جنگ روڪڻ تي قائل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي: عبدالله عبدالله ڪابل: افغان مصالحتي ڪائونسل جي سربراهه عبدلله عبدالله چيو آهي ته پاڪستان طالبان کي جنگ روڪڻ تي قائل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. افغان مصالحتي ڪائونسل جي سربراهه عبدالله

امريڪي صدر ۽ سندس زال ڪورونا وائرس جو شڪار

واشنگٽن: امريڪي صدر ۽ سندس زال ميلانيا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽ ذريعي سندس ڪورورنا وائرس جي ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪئي آهي. ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته سندس زال ميلانيا جو به ڪورونا ٽيست مثبت

روس ، فرانس پاران آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ جنگ بندی تي زور

ويب ڊيسڪ؛ روس ۽ فرانس هڪ ڀيرو ٻيهر آذربائيجان ۽ آرمينيائي فوجن جي وچ ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سرڪاري انگن اکرن موجب مارجي ويلن جو انگ 100 کان به وڌي ويو آهي. روسي صدر ولاديمير پوتن ۽ سندس فرانسيسي هم منصب ايممانيل میکرون ٽيليفون تي