ڀارتي هارين جو احتجاج جاري، آمريڪي صدر کان مداخلت جو مطالبو

نئين دهلي: ڀارتي هارين جو احتجاج جاري آهي، پوليس جي گرفتارين ۾ تشدد جو به انڪشاف ٿيو آهي.
ڀارتي هاري پنهنجي حق لاءِ پهاڙ بڻجي ويا، جڏهن ته مودي سرڪاري به پنهنجي هٺ ڌرمي قائم رکيو اچي، هارين جي حمايت ڪندڙن خلاف ڪارراويون جاري آهن، ماحوليات جي ڪارڪن ديشا راوي کي گرفتار ڪرڻ تي پڻ هاري سراپا احتجاج بڻيل آهن.
ٻئي طرف ڪيترن ئي هارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڏکڻ ايشيا جي 40 وڪلين آمريڪي صدر کان انساني بنيادن تي مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي، برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي شاگردن پڻ هارين جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔