ڀارت انگلينڊ کي ٻئين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

نئين دهلي:ڀارت انگلينڊ کي ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ 317 رنز جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
چنئي ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان راند کيڏڻ جو فيصلو ڪيو.
ڀارت پنهنجي پهرين اننگز ۾ ڪپتان روهت شرما جي بهترين سيچري سبب 329 رنز ٺاهيون.
ميزبان ٽيم پاران روهت شرما 161، آجنڪي رهاني 67 ۽ ريشب پنٽ 58 رنز ٺاهي نمايان رهيا.
انگلينڊ پاران معين علي چار، اولي اسٽون ٽي جڏهن ته جيڪ ليچ ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
انگلينڊ پنهنجي پهرين اننگز جي شروعات ڪئي ته مهمان ٽيم جي پهرين وڪيٽ بغير ڪنهن رنز جي ڪري پئي جڏهن روي برنز کي اشانت شرما آئوٽ ڪيو.
پهرين وڪيٽ جلد ڪرڻ بعد انگلينڊ جو ڪو به رانديگر گهڻو وقت نه بيهي سگهيو ۽ پوري ٽيم صرف 134 رنز ٺاهي پويلين موٽي وئي.
ڀارت پاران روي چندرن ايشون پنج جڏهن ته اڪشر پٽيل ۽ اشانت شرما ٻه ٻه رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ميزبان ٽيم پنهنجي ٻين اننگز ۾ 286 رنز ٺاهيون ۽ انگلينڊ کي کٽڻ لاءِ 482 رنز جو ڳرو هدف ڏنو
ڳري هدف جو پيڇو ڪندي انگلينڊ جي بيٽنگ لائن هڪ دفعو ٻيهر واريءَ جي ڀت ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 164 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
ميچ ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ايشون کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.
اهڙي جيت سان گڏ ڀارت چار ميچن تي مشتمل ٽيسٽ هڪ هڪ سان برابر ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔