خبرن جو معاوضو: آسٽريلوي حڪومت، گوگل ۽ فيس بڪ معاهدي جي ويجهو پهچي ويا

سڊني: آسٽريلوي حڪومت چيو آهي ته گوگل ۽ فيس بڪ معاهدن جي ويجهو آهن جنهن جي تحت مقامي خبرون پهچائيندڙ ادارن(ميڊيا) کي هو خبرن جو معاوضو ادا ڪندا ۽ ان معاهدي سان اميد آهي ته آسٽريليا ۾ ريگوليٽري جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ تعطل ۾ نرمي پيدا ٿيندي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل هفتي آسٽريليا جي ناڻي واري وفاقي وزير جوشوا انتهوني فيس بڪ جي چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪربرگ ۽ گوگل جي سي اي او سندر پچاني سان ملاقات ڪئي. صحافين سان ڳالهين دوران جوشوا انتهوني چيو ته اسان ڪجهه انتهائي اهم واپاري معاهدن جي ويجهو آهيون ۽ اسان ان ۾ ڪافي اڳڀرائي به ڪري ورتي آهي.ٻئي طرف گوگل ۽ فيس بڪ پاران به آسٽريلوي قانونسازي جي مخالفت ڪئي آهي جنهن سبب ميڊيا ڪمپنيز کي خبرن جي ادائيگي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. فيس بڪ ڪنهن خاص قانونسازي بابت ڳالهين کان انڪار ڪندي آسٽريليا کي ڌمڪي ڏني ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن قانون لاڳو ڪيو ويو ته هو آسٽريليا ۾ پنهنجو سرچ انجڻ بند ڪري ڇڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔