فيس ماسڪ جا اهڙا فائدا جيڪي اوهان پهرين ڪڏهن به ناهن ٻڌا

نيويارڪ: آمريڪا ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته فيس ماسڪ پائي ساهه کڻڻ سان جيڪا نمي پيدا ٿيندي آهي اها به وائرس جي خلاف اهم هٿيار آهي. ان سان ڪورونا وائرس کان علاوه ٻين بيمارين کان به تحفظ ملي سگهي ٿو.هي تحقيق آمريڪي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۾ ٿي. مشاهدي موجب ماسڪ پائي ساهه کڻڻ سان آڪسيجن ۾ نمي پيدا ٿيندي آهي ۽ اها نمي وائرس ٻين بيمارين جي خلاف بهترين هٿيار آهي. جيڪڏهن وائرس ڦڦڙن ۾ داخل به ٿي وڃي ته ان جي شدت گهٽ رهندي آهي.تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ساهه جي نالي ۾ بائيڊريشن مدافعتي نظام لاءِ فائديمند هوندي آهي ۽ نمي آڻيندڙ آڪسيجن سان ان جي استعداد وڌيڪ وڌندي آهي. ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته نمي جي وڌيڪ سطح فلو جهڙي بيماري جي خلاف بهتر آهي. امڪاني طور تي اهڙا نتيجا ڪورونا جي حوالي سان به سامهون اچي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔