اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٽي دهشتگرد مارجي ويا

پشاور:اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن جي شڪي ٺڪاڻن تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ عليم خان گروپ جا 3 دهشتگرد مارجي ويا.

دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا تاوان ۾ ملوث هئا. ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات دوران به مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز خلاف آپريشن دوران  4 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔