نوابشاهه: تيزرفتاري سبب ڪوچ ڪلٽي، هڪ ٻارڙو فوت،34 ڄڻا زخمي

نوابشاهه: قاضي احمد قومي شاهراهه تي تيزرفتاري سبب ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت جڏهن ته ٻارن ۽ عورت سميت 34 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب حادثي جو شڪار مسافر ڪوچ صادق آباد کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته قاضي احمد باءِ پاس وٽ آئل ٽينڪر کي اوور ٽيڪ ڪندي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو ۽ ٻارن توڙي عورتن سميت 34 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي تعلقا اسپتال قاضي احمد نيو ويو، جتان 10 زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ پيپلزميڊيڪل اسپتان نوابشاهه نيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔