سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ڪيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ؛ سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ڪيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ لاڳاپيل سنڌ اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته مسٽر ميمڻ  ڇا گم ٿيل شهرين جي بازيابي عمل ۾ آئي؟، جنهن تي اي آءِ جي چيو ته پوليس گم ٿيل شهرين جي ڳولا ڪري رهي آهي، گم ٿيل ماڻهن جو تعلق بندش پيل تنظيمن سان آهي، اي آءِ جي چيو ته هڪ گم ٿيل شهري  افغانستان ۾ موجود آهي، ان بابت  افغانستان ۾ سکيا وٺڻ جا اطلاع مليا آهن، عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي کي طلب ڪندي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جي لسٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته جسٽس نعمت الله چيو ته لاپتا شهري عبدالرشيد ڪير هو ۽ ڇا ڪندو هو،جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي ٿي رهيون آهن، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪا خبر پوي، عدالت چيو ته ايتري سروس ٿي چڪي آهي اڃا تائين توهان کي هي به ناهي خبر ته هن جو بيڪ گرائونڊ ڇا هو ۽ لاپتا ماڻهو ڪير ۽ ڇا ڪندو هو. پاڻ بيوقوف آهين يا اسان کي بيوقوف بڻائي رهيو آهين، ايڏو معصوم بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪر، ان موقعي تي لاپتا شهري جي عورت وارث چيو ته پوليس وارا پاڻ شهرين کي گم ڪري رهيا آهن، مان  پوليس آفيسرن جي الله سان شڪايت ڪنديس، عدالت جنيد رشيد، دانش رشيد ۽ ٻين جي گمشدگي بابت به رپورٽ طلب ڪري ورتيم عدالت لياري کان گم ٿيل اختر علي جي حوالي سان آءِ جي سنڌ کي به طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔