والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بربريت سان ٽي ڪشميري شهيد

سري نگر: ڀارتي فورسز هڪ دفعو ٻيهر آپريشن جي آڙ ۾ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي شوپيان ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ وڌيڪ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڀارتي فوج طرفان فائرنگ گهيري ۽ آپريشن دوران ڪئي وئي، آپريشن اڃان تائين جاري هجڻ جا اطلاع آهن.
ٻئي طرف فورسز پاران ٻئي ڏينهن به والاريل ڪشمير جي ضلعي پلوامه ۽ بڊگام ۾ سرچ آپريشن جاري رهيو، جنهن ۾ خاص پويس آفيسر(ايس پي او) مارجي ويو ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔