ناسا جي روبوٽ جي مريخ تي ڪامياب لينڊنگ

نيويارڪ: مريخ تي زندگي جي ڳولا لاءِ ناسا جي خلائي رپورٽ روو”پريزرونس“ مريخ تي ڪاميابي سان لينڊنگ ڪري ڇڏي.
مشن خلا ۾ 12 هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر طئي ڪيو، پريزرونس مشن تي 2 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو خرچ آيو، مشن جي لينڊنگ جو سنگنل ناسا کي ملڻ ۾ 11 منٽ لڳا.
ناسا مريخ جي سطح جون به تصويرون جاري ڪيون، مشن 249 ملين ميلن جو سفر طئي ڪري پنهنجي منزل تائين پهتو آهي.
ڇهن ڦيٿن وارو رپورٽ ٻن سالن تائين کڏا ڊرل ڪري ماضي ۾ مريخ تي زندگي جي موجودگي جا ثبوت گڏ ڪندو رهيو.
جزيري جي باري ۾ خيال آهي ته ان ۾ اربين سال اڳ هڪ وڏي ڍنڍ هئي ۽ جتي پاڻي هجي اتي زندگي جا آثار هجڻ جا امڪان هوندا آهن، مريخ تان پٿرن جا اهڙا نمونا 2030 جي ڏهائي ۾ آندا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔