ڪي پي ۽ پنجاب ۾ چئن تڪن تي ننڍي چونڊ: ڊسڪا ۾ بدنظمي، 2 ڄڻا مارجي ويا، ڌانڌلين جا الزام

ڪراچي: پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اڄ قومي اسيمبلي جي ٻن ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٻن تڪن تي ضمني چونڊ لاءِ ووٽ وڌا ويا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 سيالڪوٽ تي شديد بدنظمي ۽ جهيڙا ڏسڻ ۾ آيا. فائرنگ جي واقعن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪيترن ئي هنڌن تي پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جي هامين ۾ جهيڙا ٿيا، جڏهن ته پوليس پاران پڻ ووٽرن مٿان لٺ بازي ڪئي وئي. ڪجهه پولنگ اسٽيشنن کي جهيڙي سبب بند ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن ن ليگ پاران ووٽنگ جو وقت وڌائڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ مارجي ويل ٻن ڄڻن کي پي ٽي آءِ جا هامي قرار ڏيندي چيو ته اڄ ن ليگ غنڊه گردي جي حد ڪري ڇڏي، پولنگ عملي کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ن ليگ جي سهولتڪارن کي نه ڇڏيو ويندو. هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ مريم نواز ٽويٽ ڪندي چيو ته حڪومت ووٽن جي چوري لاءِ حربا استعمال ڪيا پر عوام ن ليگ جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻ ن ليگ جا ڪارڪن ووٽن تي پهرو پڻ ڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔