آمريڪا ۾ برفباري سبب زندگي جو نظام سخت متاثر، ٽيويهه ڄڻا فوت

آمريڪا ۾ برفباري جي ڪري ڪيترين ئي رياستن ۾ زندگيءَ جو ونهوار ٺپ ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ برفباري جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 23 ڄڻا فوت جڏهن ته 50 لک ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽس موجب گهڻيون فوتگيون ٽيني سي، ٽيڪساس، ڏکڻ ڪيرولينا، ڪينتيڪي ۽ ليوزي اينا ۾ ٿيون.
آمريڪا جي مختلف رياستن جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ نيشنل ويدر سروس موجب 73 سيڪڙو آمريڪا هن وقت برف سان ڍڪيل آهي جڏهن ته ملڪ ۾ برفباري سان پائيپ لائينون ڄمي ويون ۽ قدرتي گيس جي فراهمي به متاثر ٿي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔